ڪتاب: آبشار
ليکڪ: جبران خليل جبران
سنڌيڪار: شفقت حسين وڌو
پهريون ڇاپو: جنوري 2000ع
صفحا: 72
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر
رياضت ٻرڙو
شفقت حسين وڌي جي ترجمي ڪيل ڪتاب
”آبشار“ جو مهاڳ
ابناسي جبران ۽ ”آبشار“
جبران خليل جبران (ڄم: 6 جنوري
1883 ـــــ وفات: 10 اپريل 1931ع) جو نانءُ سنڌي پڙهندڙن لاءِ نئون نه آهي. هُو
انهن ليکڪن مان آهي، جن جي لکڻين کي بي انتها پيار ۽ پنهنجائپ منجهان دنيا جي تمام
گھڻن ماڻهن پڙهيو آهي ۽ سندس فڪر ۽ فن کي عزت جي نظرن سان ڏٺو آهي. ايتري قدر جو
کيس لبنان جو ابناسي پيغامبر ۽ پنهنجي دور جو عالم (سَيوان، Savant) سمجهيو ويندو آهي.
هتي هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو، ته نيٺ
اها ڪهڙي سگهه آهي جيڪا لکڻين ۾ اها سونهن ۽ سمجهه سمائي ٿي، جيڪا کين امر بڻائي
ٿي؟
هي سوال تنقيدي علم جي حوالي سان
نئون نه آهي. ان بابت گھڻي وقت کان پئي سوچيو ويو آهي ۽ نَون رُخن کان ان بابت
ويچار ونڊيا ويا آهن. هت مٿئين سوال جي لحاظ کان بحث جي گنجائش نه آهي. هن هنڌ مان
ان سوال ۾ ڪتب آندل لفظن کي خليل جبران جي لکيتن جي پس منظر ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. ٻيءَ
طرح چئجي، ته خليل جبران جي لکيتن ۾ اها ڪهڙي سگهه آهي جنهن هن جي فڪر ۽ فن کي
عمومي توڻي خصوصي قبوليت ۽ مڃتا ڏياري ڪلاسڪس ۾ شامل ڪيو آهي؟


