ڪتاب: ماڻهو ۽ ماڻهپو
ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 1999ع
صفحا: 112
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جو پيش لفظ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، منهنجي ڀاءُ جو نانءُ سندس وفات کان پوءِ علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي خصوصي
حيثيت، مانُ ۽ مرتبو، وقت وِٿين جي گذرڻ سان ماڻيندو پيو وڃي، اهو اسان لاءِ
سرهائيءَ جو اهڃاڻ آهي، پر هُو پاڻَ، پنهنجي مڃتا کي پسڻ لاءِ موجود ناهي، پنهنجي
سوچ کي اڃا وڌيڪ سنواري، سُڌاري، سلجھائي پيش ڪندي، اسان سان مرڪَ ونڊڻ لاءِ ساڻ
ناهي، اها ڏکوئيندڙ ڪيفيت آهي:
هڪ گھڙي ڏک جي، ٻي خوشيءَ جي آ،
ڪيفيت منهنجي زندگيءَ جي آ.
بهرحال، ڪڏهن ڏک، ڪڏهن سُک
زندگيءَ سان سلهاڙيل آهن، وقت ته انهن ڏکن ۽ سُکن کي ياد ڏياريندڙ وٿ آهي. پنهنجي
زندگيءَ جي واقعن ۾ وقت جي هڪ وٿ ڊاڪٽر محبت جي ورسي به آهي: گذريل سال 12-اپريل
98ع تي پهرين ورسي منعقد ڪئي وئي ۽ هاڻ 11-اپريل 99ع تي ٻي ورسي ٿي رهي آهي.
ورسيءَ جي حوالي سان پهرين ڀيري ڊاڪٽر محبت جي مقالن، مضمونن ۽ علمي خطن تي مشتمل
ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ ڊاڪٽر
محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايو ويو ۽ هن ٻئي ڀيري ”ماڻهو
۽ ماڻهپو“ جي نالي سان هيءُ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ ڪجھ ڇپيل
۽ اڻ ڇپيل مضمون ۽ مقالا پيش ڪيا ويا آهن. اسين ڇپيل مضمونن لاءِ ماهوار ”ڪينجھر“
۽ ”عبرت ميگزين“ جا ٿورائتا آهيون.
پنهنجي ڪوشش آهي ته ننڍي ڄمار ۾
ڀاءُ محبت عليءَ جيڪي گھڻ پاساوان علمي ۽ ادبي ڪم، جيتري قدر به پورا ڪيا، ڇپرايا
وڃن ۽ گڏوگڏ انهن ڪمن جي آڌار تي، توڻي رِيس تي، وڌيڪ فڪري ڪاوشون به پيش ڪجن، پر
انهن سڀني لاءِ وقت ۽ محنت جي گھرج آهي.
”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ جون وکون به انهيءَ راهه تي آهن، ۽ ان راهه تي وڌندڙ مڙني پانڌيئڙن کي ”اڪيڊمي“
پنهنجو ساٿاري سمجھي ٿي.
رياضت ٻرڙو
1999 ــــ 03 ــــ 20
قمبر

No comments:
Post a Comment