ڪتاب: ٻه
ٽي جام پيئڻ کان پوءِ
ليکڪ: عمر
خيام
سنڌيڪار:
انجنيئر شفقت حسين وڌو
پهريون
ڇاپو: جنوري 2004ع
صفحا: 167
ڇپائيندڙ:
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
رياضت ٻرڙو
شفقت حسين وڌي جي ترجمي ڪيل ڪتاب
”ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ“ جو پيش لفظ
پياري ايراني شاعر عمر خيام (ڄم: 18-مئي 1048 - وفات: 4-ڊسمبر 1131)
جون رباعيون سنڌي ٻوليءَ ۾، هن ترتيب ۽ سٽاءَ
سان پهريون ڀيرو اوهان جي خدمت ۾، هڪ جام، جيان ئي، پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪي
منهنجيءَ خواهش تي سڄاڻ دوست، انجنيئر شفقت حسين وڌي، نامور انگريز مترجم ايڊورڊ فٽز جيرالڊ (1809-1883) جي انگريزي ترجمي ”دَ رباعيات آف عمر خيام“ (مارچ 1859) تان سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيون آهن، ۽ اهڙو تاثر ترجمي مان محسوس به ٿيندو. اهو صرف ان ڪري ته جيئن
سنڌي ترجمي جو احساس ٿيڻ بدران پڙهندڙ کي اصليت جو خيال ذهن ۾ هجي. اهي رباعيون
پنهنجي مواد ۾ هڪ خاص ترتيب رکن ٿيون، جيڪا شيءِ ان ۾ شامل جذبن ۽ ڪيفيتن کي چٽو
ڪري ٿي. ڪتاب ۾ هر هڪ رباعيءَ موجب هڪ آرٽسٽڪ تصويري عڪاسي به شامل آهي، جا پڻ
ساڳئي انگريزي ترجمي تان ورتل آهي ۽ ايڊمنڊ سُليوَن نالي آرٽسٽ جي ڪيل آهي.
خيام جو پورو نالو ”غياث
الدين ابوالفيث عمر ابن ابراهيم النيشاپوري الخيام“ آهي، ۽ هو ايران ۾ هڪ سائنسدان
طور مشهور رهيو آهي. هن نيشاپور مان سائنس ۽ فلسفي جي تعليم پرائڻ کان پوءِ ثمرقند
۽ اصفهان ۾ سائنسي ڪم ڪيو، پر 1092ع ۾ سلجوق سلطان ملڪ شاهه جي وفات کان پوءِ سندس
بيوه هن جي خلاف ٿي پئي، ته خيام مڪي آيو ۽ پوءِ نيشاپور موٽيو، جتي هن فلسفي،
تاريخ، طب، حسابن، علم نجوم، فلڪيات ۽ نياءَ شاستر جي سکيا، پنهنجيءَ وفات تائين
ڏني.
شفقت حسين وڌي صاحب
جي هيءَ محنت انتهائي قدر لائق آهي. سندس سنڌي ٻوليءَ سان پيار جو اهو هڪ سهڻو
اظهار آهي ته دنيا جي علم ۽ ادب جون شاهڪار تخليقون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندو رهي ٿو.
- رياضت
ٻرڙو
18-جنوري 2004، قنبر

No comments:
Post a Comment