ڪتاب: شعور
ليکڪ:
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
پيشڪش:
رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 2004ع
صفحا: 134
ڇپائيندڙ:
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ٻيو ڇاپو: فيبروري 2008ع
صفحا: 134
ڇپائيندڙ:
سي پي سي ايس
ٽيون ڇاپو: اپريل 2014ع
صفحا: 144
ڇپائيندڙ:
سي پي سي ايس
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”شعور“ جا ’ٻه اکر‘
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ، جن ڪتابن بابت خصوصي طور، مون سوچيو هو ته
اهي وقت سر ڇپرائي پڌرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، تـن ۾ هـي ڪـتـاب ”شعور“ پڻ شامل آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي
88-1987ع ڌاري لکي پورو ڪيو ۽ ستت ئي پوءِ ان کي سوڌي سنواري هڪ فيئر ڪاپي لکي،
جيڪا 180-کن صفحن تي مشتمل هئي، ۽ پوءِ اها ڪاپي پنهنجي هڪ ساٿي پبلشر کي ڇپڻ لاءِ
ڏني، پر ان ساٿي پبلشر اهو اهم مسودو پنهنجيءَ لاپرواهيءَ سبب گم ڪري ڇڏيو! جيئن
ته ڊاڪٽر محبتُ مالي مسئلن سبب مسودن جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي پاڻ وٽ رکي نه سگهندو
هو، جنهنڪري هن ڪتاب جي پڻ وٽس ڪا فيئر ڪاپي موجود نه رهي ۽ ايئن هيءُ ڪارائتو ۽
ڄاڻ ڀريو فلسفي جو ڪتاب نه صرف ڇپجڻ کان رهجي ويو، پر پنهنجيءَ نئين مڪمل صورت ۾
اهو ڪن اڻڄاتل هٿن جي وَر چڙهي ويو. وقت گذرندو ويو ۽ وقت گذرندي ڊاڪٽر محبت به
گذاري ويو. ڊاڪٽر محبت جي وفات (9-اپريل 1997ع) کان پوءِ جڏهن مون سندس لکيل مواد
(ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل) کي سهيڙڻ جا اپاءَ ورتا، ته هن ڪتاب جي پهرِين لکيل رف ڪاپي
مون کي سندس ڪاڳرن مان ملي ۽ مون ان کي غنيمت سمجهندي سنڀالي ورتو. اهو مواد، ڪنهن
خاص تبديليءَ کان سواءِ، اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي. هن مواد جي پيشڪش ۾ مون اها ڪوشش
ڪئي آهي ته مختلف عنوانن ۽ بابن کي صاف ڪري پيش ڪجي، 1988ع کان 2004ع تائين پيدا
ٿيل وٿيءَ کي وس پُڳي محسوس نه ڪرائجي (البت ”ڊولي“ رڍ جي کوٽ، هڪ مثال طور، پيش
نه ٿي سگهي، ان جو افسوس رهندو). مواد ۾ بنهه ٿوري، پر ضروري ايڊيٽنگ پڻ ڪئي اٿم،
جنهن جي مون کي پڪ آهي ته اها اڻٽر هئي.
ممڪن آهي ته هيءُ ڇپيل ڪتاب ڏسي، اهو ساٿي جنهن وٽ هن ڪتاب جو اصل مسودو موجود
هوندو، پنهنجي ضمير ۾ ڪا چهنڊي محسوس ڪري، پر مان کيس گذارش ٿو ڪريان، ته هُو اهو
مسودو اسان کي ڏئي ته جيئن ”شعور“ جي ٻئي ڇاپي ۾ اها سنواريل ڪاپي ڇپي پڌري
ڪري سگهون ۽ سندس چهنڊيءَ جي چڀڪي کي مٽائي سگهون.
-
رياضت ٻرڙو
20 اپريل 2004ع
قنبر



No comments:
Post a Comment