Monday, 30 January 2017

ڪتاب ”ٻوليءَ جو بڻ“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

ڪتاب: ٻوليءَ جو بڻ
ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
پيشڪش: رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 2002ع
صفحا: 191
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”ٻوليءَ جو بڻ“ جو پيش لفظ


روايت موجب، مٺڙي ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي به، سندس ڪتاب ڇپرائي، سنڌي علمي ۽ ادبي دنيا جي عالمن، محققن، اديبن ۽ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.
ادا محبت ٻرڙي جي وفات (9-اپريل 1997ع) کان پوءِ هر سال ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ پاران منعقد ٿيندڙ سندس ورسين تي، هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن:
(1) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (1998ع)، ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
(2) ماڻهو ۽ ماڻهپو (1999ع)، ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
(3) اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون (2000ع)، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
(4) يادُون ۽ سُڪون (2001ع)، ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
۽ هاڻ:
(5) ٻوليءَ جو بُڻ (2002ع)، ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
- انسائيڪلوپيڊيا سِنڌيڪا، جيئن عنوان مان پڌرو آهي، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا جوڙڻ جي طريقيڪار ۽ ان بابت مضمونن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ان ئي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاحسازيءَ جي اهميت ۽ واٽ تي بحث ڪري ٿو ۽ اصطلاحسازيءَ جو طريقيڪار ڏَسي ٿو.

- ماڻهو ۽ ماڻهپو ڪتاب ۾ پيش ڪيل مضمون ۽ مقالا علم الانسان، ڪلچر، سوشيالاجي، علم سياست (سياسيات) سان لاڳاپيل آهن ۽ موضوعن سان واسطيدار اهم ڄاڻ ميسر ڪن ٿا.
- اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريونڪتاب جا مضمون ۽ مقالا سنڌي ٻوليءَ جي خوبين، خصوصيتن ۽ نوَن رُخن کي پڌرو ڪن ٿا. هي ڪتاب لسانيات جي موضوع تي اهم ڪتاب آهي.
- يادون ۽ سُڪون ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جِي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشوري، ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ دوران لکيل ڪهاڻين، طنز و مزاح، ترجمو ڪيل ناولٽ ۽ انٽرويو (بي تڪلف ڳالهيون) تي مشتمل آهي.
۽ هي ڪتاب:
- ٻوليءَ جو بُڻ(سنڌي ٻوليءَ جي خصوصي حوالي سان) هڪ ئي موضوع تي مڪمل ڪتاب آهي، جيڪو ٻوليءَ جي بڻ (بنياد) کي ڳولڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪجهه خاصيتن ۽ گُڻن کي سمجهڻ ۽ نروار ڪرڻ جي مخلصاڻي ڪوشش طور لکيل آهي.
هي ڪتاب ادا محبت ٻرڙي 1994ع ڌاري لکي پورو ڪيو هو، پر ان ڪتاب کان ستت ئي پوءِ يا شايد اهو ڪتاب لکڻ دوران ئي ”ٻول جو بڻ“ تي پڻ مواد سهيڙڻ ۽ لکڻ شروع ڪيو ۽ شايد ڪتاب مڪمل ڪري به ورتو، پر افسوس جو ”ٻول جو بڻ“ مون کي مڪمل صورت ۾ هٿ اچي نه سگهيو، نه ته منهنجو ارادو هو ته ٻئي ڪتاب ـــــــــــ ٻول جو بڻ ۽ ٻوليءَ جو بڻ ــــــــــــ هڪ ئي شاهڪار ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪجن. بهرحال، ”ٻول جو بڻ“ به ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪبو. جيتوڻيڪ ادا محبت ان نڪتئه نظر جو هو ته ”ٻول کي سمجهڻ کان سواءِ ٻوليءَ کي سمجهڻ ناممڪن آهي“، پر مون ”ٻوليءَ جو بڻ“ کي، پهرين، صرف ان ڪري ئي پيش ڪيو آهي ته ان اهم ترين موضوع، جنهن کي عالمن انتهائي ڏکيو، ڄڻ ته ناممڪن پئي سمجهيو آهي، جو هڪ حصو ئي سهي، ڇپجي ته وڃي.
جيئن ادا محبت ٻرڙي جي ٻين سڀني موضوعن جي لکت جو بنياد سائنسي جوڙجڪ تي آهي، تيئن سندس هي ڪتاب به سائنس جي بنيادي سوالن ’ڇا، ڇو، ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿان‘ کي ذهن ۾ رکي، ڳوڙِهي سوچ ويچار، منطقي دليلن ۽ تحقيق جي اصولن موجب لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته هُو عقيدن جي ڄار ۾ ڦاسڻ بدران سائنس جي وسعتن ۾ رهندڙ ماڻهو هو. سندس هن ڪتاب ۾ به اهڙا گهڻا ئي نتيجا اخذ ڪيل آهن، جيڪي ٻوليءَ (خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ) بابت جوڙيل/طيءِ ڪيل عقيدن جي ڄار کي پاڙن کان اکيڙڻ لاءِ ڪافي آهن. نه صرف ايترو، پر مختلف عالمن جي لکتن جي ورتل تنقيدي جائزي/ڇنڊڇاڻ ۾ به ڊاڪٽر محبت جي تحرير ايڏي ته پُختي آهي، جو ان کي ڪنهن به طرح نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.
آخر  ۾  هڪ وضاحت ڪرڻ گهران ٿو، ته هن ڪتاب جي آخري باب ”گھ“ ۾ ڄاڻايل [ گ ]، [ ک ]، [ ڳ ] ۽ [ ڪ ] صوتيا رکندڙ لفظن واري ’وچورَ پهرين‘ الائجي ڇو، ڪتاب جي مواد ۾، توڙي ادا محبت ٻرڙي جي ٻئي رف مواد ۾، باوجود انتهائي ڳولا جي، مون کي ملي نه سگهي. ان ڪري منهنجي آڏو ٻه فيصلا موجود ٿي پيا: (1) يا ته ڪتاب ’پهرين وچور‘ کان سواءِ ئي ڇپرائي پڌرو ڪجي، ۽ (2) يا وري مان پاڻ، جيتري قدر ٿي سگهي، اهڙي وچور جوڙي پيش ڪيان، ته جيئن ڪجهه قدر ئي سهي، اهڙي کوٽ جو پُورائو ڪري سگهجي. مون کي ٻيو فيصلو ڪرڻ وڌيڪ درست محسوس ٿيو، توڙي جو اهو مون لاءِ انتهائي ڏکيو معاملو هو ته مان اهڙي ڪا وچور جوڙي سگهندم به يا نه، جيڪا مواد سان ٺهڪي اچي. بهرحال، مون ”جامع سنڌي لغات“ جي مدد سان اها وچور جوڙي ”وچور پهرين“ طور پيش ڪئي آهي. ان جي سڀني کوٽن جي ذميواري مون تي ئي آهي ۽ ٻين انهن کوٽن جي به، جيڪي مان ڪتاب کي شانَ، مانَ ۽ بهترين طريقي سان پيش نه ڪرڻ سبب ڪري چڪو هجان.
مون کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا عالم ۽ محقق، اديب ۽ پڙهندڙ منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي هِن تحقيق ۽ کوجنا کي قدر جي نگاهه سان ڏِسندا ۽ هن ڪتاب جي روشنيءَ ۾ ٻوليءَ جي بڻ سميت ٻين خصوصيتن تي نئين سِر ويچاريندا ۽ ٻوليءَ جون نيون راهون ڳولڻ ۽ نوان رخ پڌرا ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندا.
مان ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ جي سمورن عهديدارن، ميمبرن ۽ سڄڻن خاص ڪري ستار هَڪڙي، ڀائو درمحمد ٻرڙي، خادم رند، دين محمد ڪلهوڙي، امتياز تُنيي، قمرالدين قمر، امتياز احمد مغل، فدا حسين ميرجت، عبدالحميد ميمڻ، مجيد منگيءَ، اعجاز احمد جتوئيءَ، علي گوهر مغيريءَ، بشير احمد وئينس، حبيب الرحمان رند، ايوب ٻرڙي، زاهد ڀُٽي، عبدالخالق ميڻي، غلام حسين هڪڙي، حَسن علي هَڪڙي، اطهر ٻرڙي، منظور ڇڄڙي، ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، آتش سنڌيءَ ۽ ٻين دوستن جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن جي محبتن، عملي ڪوششن ۽ مالي سهائتا کان سواءِ، شايد ته نه ئي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ قائم ٿي سگهي ها ۽ نه ئي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي مقصد کي اڳتي وڌائي سگهجي ها ۽ نه ئي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ڪتاب ڇپجي سگهن ها. مان ڪتاب کي ڪمپيوٽر تي سهڻائيءَ سان ڪمپوز ڪندڙ، ڀاءُ مقبول ڀُٽي جو به ٿورائتو آهيان جنهن انتهائي محنت سان ڪتاب جو مواد ڪمپوز ڪيو ۽ منهنجي تنگ ڪرڻ کي خوش دليءَ سان نظر انداز ڪيو.
ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.
مهرباني.
رياضت ٻرڙو

1- اپريل 2002ع، قنبر

No comments:

Post a Comment