ڪتاب: سائنسي
ڄاڻ
ليکڪ: اجمل
هدى ڀٽو
پهريون
ڇاپو: جُون 2002ع
صفحا: 96
ڇپائيندڙ:
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
رياضت ٻرڙو
اجمل هدى ڀُٽي جي ڪتاب
”سائنسي ڄاڻ“ جو پيش لفظ
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جو نئون ڪتاب ”سائنسي ڄاڻ“
اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ سائنس جي مختلف شاخن بابت ۽ ٻي ڪجھ اهم ڄاڻ، ڪوشش
ڪري اهڙي چونڊيل ڏني وئي آهي جيڪا تقريباً مستقل نوعيت جي آهي، ان ڪري ئي ڪتاب
ڪيتري عرصي تائين پڙهندڙن کي لاڀ ڏيندو رهندو. اها ڄاڻ پڙهندڙن جي سهولت ڪارڻ
سوالن ۽ جوابن جي صورت ۾ مرتب ڪيل آهي، ته جيئن سولائيءَ سان هڪ ٻئي کي ٻڌائي، ياد
به ڪري سگهجي.
ممڪن آهي ته ڪي پڙهندڙ اهو سوچن ته مارڪيٽ ۾ سائنسي ڄاڻ جا انگريزي توڙي اردو
ٻولين ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ڪجھ ڪتاب موجود آهن، ته پوءِ هن نئين سائنسي
ڄاڻ جي ڪتاب جي ڪهڙي ضرورت آهي.
گذارش اها ئي ڪبي ته اسان جو سماج سائنسي ڄاڻ جي لحاظ کان اڃا ان هيٺين سطح تي
آهي جو اسان کي هن قسم جي ڪتابن جي ضرورت اڃا گھڻي ئي وقت تائين رهندي جن ۾
پرائمري ۽ سيڪنڊري سطحن موجب مواد موجود هجي، ته جيئن شاگردن کي ڪجھ نه ڪجھ سائنسي
ڄاڻ ملندي رهي، اهڙي سائنسي ڄاڻ جيڪا سندن ذهني سطح موجب هجي، سندن نصاب سان
ٺهڪندڙ هجي ۽ سولائيءَ سان سمجِھي، ۽ ضروري هجي ته ياد به ڪري سگهجي. اسان جي سنڌي
سماج جو اهو الميو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو هڪڙو به ماهوار، ٻه ماهي، ٽِماهي،
ڇماهي يا ساليانو سائنسي رسالو ڪو نه ٿو ڇپجي جيڪو سنڌي شاگردن ۽ پڙهندڙن جي
سائنسي ۽ تحقيقي اُساٽ لاءِ ڪي ٻه چار ڍُڪ ئي موجود ڪري ڏي، ته جيئن ٿوري گھڻي تاس
مرندي رهي! رسالو ته ٺهيو، ڪتاب به تمام گھٽ ٿا ڇپجن، نه هئڻ برابر. هي ڪتاب ”سائنسي ڄاڻ“ انهن ٿورن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل سائنسي
ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب وڌائڻ جي به ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ ڏنل سائنسي ڄاڻ، ٿي سگهي ٿو ته وڏن
شهرن جي سٺن تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ نئين ڄاڻ ثابت نه ٿئي، جيڪي
ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ مان به لاڀ حاصل ڪن ٿا، پر هي ڪتاب ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي شاگردن
لاءِ پڪ سان لاڀائتو ثابت ٿيندو جن مان اڃا تمام ٿورن شاگردن ڪمپيوٽر مس ڏٺو آهي،
انهن مان اڃا ٿورن شاگردن ڪمپيوٽر هلايو آهي ۽ اڃا ٿورن انٽرنيٽ مان فائدو حاصل
ڪيو آهي. پر ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ته انهن شاگردن لاءِ وڏي ڳالهه آهي، هنن ته اڃا
نصاب ۾ ڏنل سائنسي ڄاڻ به نه پڙهي آهي، پڙهائڻ ۽ سمجھائڻ وارا استاد ئي ڪونهن، سچ
چئجي ته اسان جي تعليم کي تعليم ته ڪنهن به صورت ۾ چئي نه ٿو سگھجي، ٻيو کڻي ڇا به
چئجي...
انهن حالتن ۾ هن قسم جا ڪتاب مالِ غنيمت آهن جيڪي قسمت سان هٿ اچي سگهن ٿا.
جَس لهڻي هن ڪتاب ”سائنسي ڄاڻ“ جو مرتب محترم
اجمل هدى ڀٽو، جنهن هوري هوري اهي سوال-جواب گڏ ڪيا آهن. هن جيتوڻيڪ فارميسي ۾
ماسٽرز (ايم فارميسي) ڪئي آهي، پر سندس دلچسپي سڀني سائنسي موضوعن سان آهي. هو
لاڙڪاڻي توڙي پنهنجي ڳوٺ بنگل ديري ۾ مختلف تنظيمن جي پليٽ فارمن تان علمي ادبي ۽
سماجي سجاڳيءَ وارا پروگرام پڻ منعقد ڪرائيندو رهندو آهي. اسان جي سماج کي اهڙن
فردن جي گھڻي گھرج آهي.
آخر ۾ هڪڙي گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته ممڪن آهي هن ڪتاب ۾ ڏنل سائنسي سوالن ۽
جوابن ۾ ڪي غلطيون لاشعوري طور رهجي ويون هجن، جيڪڏهن انهن جي نشاندهي ڪئي ويندي
ته ٻئي ڇاپي ۾ انهن غلطين جي درستگي ضرور ڪبي.
مهرباني.
رياضت
ٻرڙو
3- جُون
2002ع، قنبر

No comments:
Post a Comment