ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا
ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 1998ع
صفحا: 112
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جو پيش لفظ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، منهنجي محبتي ڀاءُ، جي 9-اپريل 1997ع تي، اوچتي جوانيءَ ۾، وجود ڌوڏيندڙ وفات
کان پوءِ، اسان، ڪجھ سنگتي ـــــ خاص ڪري ستار هڪڙو، ڀائو در محمد ٻرڙو، خادم رند
۽ مان ـــــ اهو ئي سوچي سگھياسون ته سڄاڻ جو پرچار ڪندڙ پنهنجي اداري ’کيرٿر
سائنس اڪيڊمي‘، جنهن جو ٻالڪپڻو 1989ع ۾ ’موهن جو دڙو سائنس ڪلب‘ جي نانءُ سان
شروع ٿيو، جو نالو ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ رکجي، ته جيئن پنهنجي ڏيهه لاءِ
مڙني ممڪن پاسن کان ذميواريون نڀائيندڙ هڪ ڏاهي سپوت جي مڃتا ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي
ڪم جاري رکي ۽ سندس ياد کي حال سان سلهاڙي سگھجي.
ان ريت ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ قائم
ٿي، جنهن جي منشور ۾ مخلتف علمي ۽ تعليمي موضوعن کي سنڌي ماڻهن لاءِ ارپڻ ۽
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ڇپرائڻ لاءِ جاکوڙڻ سميت اهو نُڪتو به رکيو ويو ته ڊاڪٽر
محبت جي ڪيل سموري قلمي توڻي ليڪچر ڏنل مواد کي ڇپي پڌرو ڪيو ويندو. ’اڪيڊميءَ‘ جي
ان نُڪتي جو هڪ عملي ۽ علمي روپ ڊاڪٽر محبت جو هيءُ ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ آهي. انسائيڪلوپيڊيا
جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت 1991ع ۾ ڪم شروع ڪيو، پر پوءِ کيس محسوس ٿيو ته سنڌي
ٻولي ۾ انسائيڪلوپيڊيا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي به سنڌي
ٻوليءَ ۾ موجود هجي. ان گھرج کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر محبت ٻول گھاڙيتو ۽ سنڌي
۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي مقالا لکيا، پر، جيئن ته انسائيڪلوپيڊيا
توڻي اصطلاحسازي تي ڪم ڪرڻ بنا وسيلن واري ڪنهن هڪ فرد جي دائري کان گھڻو ٻاهر
هيو، ۽ زندگي به ڊاڪٽر کي وڌيڪ وقت نه ڏئي سگھي، جنهنڪري اهو اهم ترين ڪم گھڻو
اڳتي وڌڻ کان رهجي ويو.
اسان، هن ڪتاب ۾، ڊاڪٽر محبت
پاران انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ اصطلاحسازي جي سلسلي ۾ ڪيل سموري سڌاريل ۽ چڪاسيل
ڪم کي، موضوع ۽ مواد آڏو رکي، مرتب ڪري، سنڌي ماڻهن لاءِ پيش ڪيو آهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ لاءِ ڊاڪٽر محبت جي ڏسيل واٽ تي ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘
ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
رياضت ٻرڙو
1998. 03. 25
قمبر
***

No comments:
Post a Comment