ڪتاب: سنڌي
ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت
ليکڪ: ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو
سهيڙيندڙ:
رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو:
اپريل 2003ع
صفحا: 112
ڇپائيندڙ:
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”سنڌي
ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ جو پيش لفظ
ٻوليءَ جي سلسلي ۾ لکيل، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي زرخيز ذهن مان سرجيل مقالن ۽
مضمونن جي هڪ ٻي سهيڙ ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ عنوان هيٺ ڪتابي روپ ۾، ڊاڪٽر
محبت جي ڇهين ورسيءَ جي موقعي تي نرواري پئي وڃي، ته جيئن هِن عالم ماڻهوءَ جي،
پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ڪيل تخليقي، تحقيقي ۽ علمي-تنقيدي پيشڪش مان لاڀ پِرائي سگھجي.
هن ڪتاب جو پهريون مقالو ”/هِڪ/: حقيقت ڇا آهي؟“ هڪ انوکو مقالو آهي، جنهن ۾ هڪ لفظ جي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. هيءُ
مقالو به، دراصل، ڊاڪٽر محبت جي ان علمي راءِ جو تسلسل آهي ته جيڪو به لفظ سنڌي
ٻوليءَ جو مفرد/بنيادي/پهريتو سمجھيو ۽ سمجھايو وڃي ٿو سو حقيقت ۾ مفرد لفظ ناهي:
پيڙهائتو لفظ اڃا اڳڀرو آهي.
ڪتاب جو ٻيو تنقيدي مقالو/اڀياس ”جامع سنڌي لغات جو جائزو“ هڪ بهترين ۽ استدلالي لکت آهي،
جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ساراهه جوڳي ذهني ۽ علمي جاکوڙ ڪري، ”جامع
سنڌي لغات“ جي ”جامعيت“ کي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ هڪ نئين روپ ۾ اڳيان آندو.
ڇا اها حيرت جوڳي ڳالهه ناهي ته ”...لغات“ جي پهرين جلد ۾ ڏنل لفظن مان 1155 لفظَ
”...لغات“ جي پنجن ئي جلدن ۾، معنى لاءِ لفظ طور موجود نه هجن!؟ پر جيڪڏهن اهڙي
جاکوڙ ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجين جلدن ۾ به ڪئي وڃي ته اهو تعداد ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟
اهم ۽ اچرج جوڳي ڳالهه هيءَ به آهي ته انهن 1155 لفظن مان الف، ب ۽ ٻ سان شروع
ٿيندڙ 343 لفظ ۽ اصطلاح، وڏِي محنت ۽ مشقت سان سوڌيل ۽ سنواريل ”پهرين جلد“ ۾
موجود ناهن! هڪڙي ٻي جاکوڙ هيءَ به ڪري سگھجي پئي ته رهيل چئني جلدن ۾ ڏنل الف، ب ۽
ٻ سان شروع ٿيندڙ ڪهڙا لفظ ۽ اصطلاح ”پهرين جلد“ ۾ ناهن ڏنا ويا؟ ان ڪري حقيقي
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ”جامع سنڌي لغات“ کي بلڪل نئين سر سنواري، جامع بڻايو
وڃي.
ٽيون مضمون ”الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ“ پڻ مدلل ۽ تنقيدي مضمون آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ لاءِ متوقع رومن لکيت ڪرڻ
لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي جواب طور، ڊاڪٽر محبت لکيو. جيئن ته رومن لکيت جو وڏو
حمايتي حليم بروهي صاحب رهيو آهي ۽ هن صاحب هلڪي ٻوليءَ ۾ هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾
هن مانائتين شخصيتن تي اگرا ڇوهه ڇنڊيا، تنهنڪري ڊاڪٽر محبت هن مضمون ۾ مخاطب به
بروهي صاحب کي ڪيو. ڊاڪٽر محبت پنهنجي عالماڻي رويي موجب، ذاتي مؤقف کي واضح ڪري
ٻڌايو، ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ موجوده عربي-سنڌي لکيت ئي بهتر آهي.
چوٿون ننڍو مضمون ”آهي ته چُڪ ننڍڙي پر...“ ان غلطيءَ جي نشاندهي ٿو ڪري ته
اسان کي لفظن، خصوصن اسمن جي شعوري توڙي لاشعوري طور ٿيندڙ/ڪئي ويندڙ غلطين، غلط
اچارن ۽ تحريرن ڏانهن جوڳو ڌيان ڏيڻ گھرجي ۽ درست اچارن ۽ لکتن لاءِ اثرائتيون ۽
عملي ڪوششون وٺڻ گھرجن ۽ لفظن جي بگاڙ ۽ تبديل کان بچڻ گھرجي.
ڪتاب ۾ ڏنل پنجون ۽ آخري مضمون ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي صاحب جي هڪ انگريزي مضمون
جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو 1994ع ڌاري ڊاڪٽر محبت ڪيو، پر ٻگھيو صاحب، ڊاڪٽر محبت جي
جوڙيل سنڌي اصطلاحن ۽ ترجمي سان متفق نه ٿي سگھيو جنهنڪري اهو مضمون اَڻ ڇپيل ئي
رهجي ويو، پر پوءِ ڪجھ تبديلين ۽ واڌارن سان ٻگھئي صاحب شايد پاڻ اهو مضمون ترجمو
ڪري، پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين“ (1998ع) ۾ شامل ڪيو. ان ريت
جيڪا محنت ڊاڪٽر محبت ان مضمون تي ڪئي ۽ وقت سيڙايو، سو ڄڻ ته اجايو ويو. مون اهو
مضمون صرف ڊاڪٽر محبت جي ڪيل ان محنت ۽ وقت-سجائيءَ خاطر موجوده ڪتاب ۾ شامل ڪيو
آهي. هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته هيءُ مضمون مٿي ڄاڻايل ۽ ڇپيل مضمون کان مواد ۾ ڪجھ
قدر مختلف پڻ آهي، جنهن جو اندازو، ٻنهي مضمونن کي ڀيٽي، ڪري سگھجي ٿو.
ڊاڪٽر محبت جي تنقيدي مقالن جي نسبت سان، مان ماهوار ”ڪينجھر“ حيدرآباد جي ايڊيٽر ناز سنائي صاحب کي اپيل
ٿو ڪيان، ته هو مهرباني ڪري، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي تنقيدي مضمون ”ضميري
پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي مقالي جو لسانياتي اڀياس“ (ٽماهي ”مهراڻ“ جنوري-مارچ
1995ع) جي جواب ۾ لکيل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي تنقيدي-علمي مقالي ”اڀياس
جو اڀياس“ جي نقل
ڪاپي ئي سهي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر کي ڏئي ته جيئن ”اڪيڊمي“ ان کي ڇپرائڻ جو
بندوبست ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي حلقن آڏو پيش ڪري ۽ ٻوليءَ جي بهتريءَ
لاءِ ڪيل هڪ علمي ڪوشش ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي، پنهنجو فرض نڀائي سگھي.
اميد ٿو رکان ته هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي مقالن ۽ مضمونن جي
روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن، لغت ۽ لکيت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
مهرباني.
رياضت
ٻرڙو
2-اپريل
2003ع، قنبر

No comments:
Post a Comment