Tuesday, 7 March 2017

(Riazat Buriro) ڪتاب ”ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو

ڪتاب: ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ
ليکڪ: عمر خيام
سنڌيڪار: انجنيئر شفقت حسين وڌو
پهريون ڇاپو: جنوري 2004ع
صفحا: 167
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

رياضت ٻرڙو
شفقت حسين وڌي جي ترجمي ڪيل ڪتاب
”ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ“ جو پيش لفظ


پياري ايراني شاعر عمر خيام (ڄم: 18-مئي 1048 - وفات: 4-ڊسمبر 1131) جون رباعيون سنڌي ٻوليءَ ۾، هن ترتيب ۽ سٽاءَ سان پهريون ڀيرو اوهان جي خدمت ۾، هڪ جام، جيان ئي، پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪي منهنجيءَ خواهش تي سڄاڻ دوست، انجنيئر شفقت حسين وڌي، نامور انگريز مترجم ايڊورڊ فٽز جيرالڊ (1809-1883) جي انگريزي ترجمي ”دَ رباعيات آف عمر خيام“ (مارچ 1859) تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن، ۽ اهڙو تاثر ترجمي مان محسوس به ٿيندو. اهو صرف ان ڪري ته جيئن سنڌي ترجمي جو احساس ٿيڻ بدران پڙهندڙ کي اصليت جو خيال ذهن ۾ هجي. اهي رباعيون پنهنجي مواد ۾ هڪ خاص ترتيب رکن ٿيون، جيڪا شيءِ ان ۾ شامل جذبن ۽ ڪيفيتن کي چٽو ڪري ٿي. ڪتاب ۾ هر هڪ رباعيءَ موجب هڪ آرٽسٽڪ تصويري عڪاسي به شامل آهي، جا پڻ ساڳئي انگريزي ترجمي تان ورتل آهي ۽ ايڊمنڊ سُليوَن نالي آرٽسٽ جي ڪيل آهي.
خيام جو پورو نالو ”غياث الدين ابوالفيث عمر ابن ابراهيم النيشاپوري الخيام“ آهي، ۽ هو ايران ۾ هڪ سائنسدان طور مشهور رهيو آهي. هن نيشاپور مان سائنس ۽ فلسفي جي تعليم پرائڻ کان پوءِ ثمرقند ۽ اصفهان ۾ سائنسي ڪم ڪيو، پر 1092ع ۾ سلجوق سلطان ملڪ شاهه جي وفات کان پوءِ سندس بيوه هن جي خلاف ٿي پئي، ته خيام مڪي آيو ۽ پوءِ نيشاپور موٽيو، جتي هن فلسفي، تاريخ، طب، حسابن، علم نجوم، فلڪيات ۽ نياءَ شاستر جي سکيا، پنهنجيءَ وفات تائين ڏني.
شفقت حسين وڌي صاحب جي هيءَ محنت انتهائي قدر لائق آهي. سندس سنڌي ٻوليءَ سان پيار جو اهو هڪ سهڻو اظهار آهي ته دنيا جي علم ۽ ادب جون شاهڪار تخليقون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندو رهي ٿو.
- رياضت ٻرڙو

18-جنوري 2004، قنبر

Wednesday, 15 February 2017

(Riazat Buriro) ڪتاب ”تقريرون“ جا ’ٻه اکر‘ - رياضت ٻرڙو

ڪتاب: تقريرون
ليکڪ: غلام علي چنه
پهريون ڇاپو: اپريل 2005ع
صفحا: 119
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

رياضت ٻرڙو
غلام علي چني جي ڪتاب
”تقريرون“ جا ’ٻه اکر‘

استاد غلام علي چنه صاحب سنڌ جي انهن ڪجهه استادن مان هڪ آهي، جنهن کي سندس پنهنجي شعبي سان مڪمل وابستگيءَ سبب عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي ۽ جيءَ ۾ جاءِ ڏني ويندي آهي.
استاد غلام علي چنه صاحب جي علم ۽ ادب سان پڻ محبت رهي آهي، جنهن سبب مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکيا اٿائون. ان سلسلي ۾، سندس نامور اديب ۽ دانشور سائين محمد ابراهيم جويي سان پڻ خط ۽ ڪتابت، وڏي عرصي تائين، ٿيندي رهي آهي، جنهن جو مجموعو جويي صاحب، ”خط ٻن استادن جا“ نالي سان ويجهڙ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. انهن خطن مان استاد غلام علي چنه صاحب جي زندگيءَ ۽ ڪم جي مختلف ڪارائتن رخن بابت ڄاڻ ملي ٿي.
چنه صاحب اسڪول ۾ منعقد ٿيندڙ ڏينهنِ، اهم شخصيتن ۽ موضوعن تي ڪيتريون ئي ڪارائتيون تقريرون، وقت به وقت، ڪيون آهن، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته کيس شاگردن جي هم نصابي ۽ تعميري سرگرمين سان ڪيڏي نه دلچسپي آهي!
هيءُ ڪتاب استاد غلام علي چنه صاحب جي انهن ئي تقريرن جو مجموعو  آهي. هن ڪتاب ۾ چنه صاحب شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ مضمون ”تقرير جو فن“ نالي سان پڻ شامل ڪيو آهي، جيڪو شاگردن ۾ همت پيدا ڪندو، ان ڳالهه جي، ته هو تقرير ڪرڻ لاءِ تيار ٿي سگهن ۽ ان فن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهن.
استاد غلام علي چنه صاحب جس لائق آهي، جو رٽائرمينٽ کان پوءِ به شاگردن جي بهتريءَ ۽ رهنمائيءَ لاءِ هن، ريت ڪارائتو ڪم ڪري رهيو آهي.
هيءُ ڪتاب خاص ڪري استادن، شاگردن ۽ والدين لاءِ آهي.
مهرباني.
- رياضت ٻرڙو

22 مارچ 2005ع، قنبر

(Riazat Buriro) ڪتاب ”شعور“ جا ’ٻه اکر‘ - رياضت ٻرڙو

ڪتاب: شعور
ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
پيشڪش: رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 2004ع
صفحا: 134
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ٻيو ڇاپو: فيبروري 2008ع
صفحا: 134
ڇپائيندڙ: سي پي سي ايس
ٽيون ڇاپو: اپريل 2014ع
صفحا: 144
ڇپائيندڙ: سي پي سي ايس

رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”شعور“ جا ’ٻه اکر‘




ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ، جن ڪتابن بابت خصوصي طور، مون سوچيو هو ته اهي وقت سر ڇپرائي پڌرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، تـن ۾ هـي ڪـتـاب ”شعور“ پڻ شامل آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 88-1987ع ڌاري لکي پورو ڪيو ۽ ستت ئي پوءِ ان کي سوڌي سنواري هڪ فيئر ڪاپي لکي، جيڪا 180-کن صفحن تي مشتمل هئي، ۽ پوءِ اها ڪاپي پنهنجي هڪ ساٿي پبلشر کي ڇپڻ لاءِ ڏني، پر ان ساٿي پبلشر اهو اهم مسودو پنهنجيءَ لاپرواهيءَ سبب گم ڪري ڇڏيو! جيئن ته ڊاڪٽر محبتُ مالي مسئلن سبب مسودن جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي پاڻ وٽ رکي نه سگهندو هو، جنهنڪري هن ڪتاب جي پڻ وٽس ڪا فيئر ڪاپي موجود نه رهي ۽ ايئن هيءُ ڪارائتو ۽ ڄاڻ ڀريو فلسفي جو ڪتاب نه صرف ڇپجڻ کان رهجي ويو، پر پنهنجيءَ نئين مڪمل صورت ۾ اهو ڪن اڻڄاتل هٿن جي وَر چڙهي ويو. وقت گذرندو ويو ۽ وقت گذرندي ڊاڪٽر محبت به گذاري ويو. ڊاڪٽر محبت جي وفات (9-اپريل 1997ع) کان پوءِ جڏهن مون سندس لکيل مواد (ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل) کي سهيڙڻ جا اپاءَ ورتا، ته هن ڪتاب جي پهرِين لکيل رف ڪاپي مون کي سندس ڪاڳرن مان ملي ۽ مون ان کي غنيمت سمجهندي سنڀالي ورتو. اهو مواد، ڪنهن خاص تبديليءَ کان سواءِ، اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي. هن مواد جي پيشڪش ۾ مون اها ڪوشش ڪئي آهي ته مختلف عنوانن ۽ بابن کي صاف ڪري پيش ڪجي، 1988ع کان 2004ع تائين پيدا ٿيل وٿيءَ کي وس پُڳي محسوس نه ڪرائجي (البت ”ڊولي“ رڍ جي کوٽ، هڪ مثال طور، پيش نه ٿي سگهي، ان جو افسوس رهندو). مواد ۾ بنهه ٿوري، پر ضروري ايڊيٽنگ پڻ ڪئي اٿم، جنهن جي مون کي پڪ آهي ته اها اڻٽر هئي.
ممڪن آهي ته هيءُ ڇپيل ڪتاب ڏسي، اهو ساٿي جنهن وٽ هن ڪتاب جو اصل مسودو موجود هوندو، پنهنجي ضمير ۾ ڪا چهنڊي محسوس ڪري، پر مان کيس گذارش ٿو ڪريان، ته هُو اهو مسودو اسان کي ڏئي ته جيئن ”شعور“ جي ٻئي ڇاپي ۾ اها سنواريل ڪاپي ڇپي پڌري ڪري سگهون ۽ سندس چهنڊيءَ جي چڀڪي کي مٽائي سگهون.

-         رياضت ٻرڙو
20 اپريل 2004ع
قنبر

Tuesday, 31 January 2017

(Riazat Buriro) ڪتاب ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو

ڪتاب: سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت
ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 2003ع
صفحا: 112
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ جو پيش لفظ


ٻوليءَ جي سلسلي ۾ لکيل، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي زرخيز ذهن مان سرجيل مقالن ۽ مضمونن جي هڪ ٻي سهيڙ ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ عنوان هيٺ ڪتابي روپ ۾، ڊاڪٽر محبت جي ڇهين ورسيءَ جي موقعي تي نرواري پئي وڃي، ته جيئن هِن عالم ماڻهوءَ جي، پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ڪيل تخليقي، تحقيقي ۽ علمي-تنقيدي پيشڪش مان لاڀ پِرائي سگھجي.
هن ڪتاب جو پهريون مقالو ”/هِڪ/: حقيقت ڇا آهي؟“ هڪ انوکو مقالو آهي، جنهن ۾ هڪ لفظ جي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. هيءُ مقالو به، دراصل، ڊاڪٽر محبت جي ان علمي راءِ جو تسلسل آهي ته جيڪو به لفظ سنڌي ٻوليءَ جو مفرد/بنيادي/پهريتو سمجھيو ۽ سمجھايو وڃي ٿو سو حقيقت ۾ مفرد لفظ ناهي: پيڙهائتو لفظ اڃا اڳڀرو آهي.

Monday, 30 January 2017

ڪتاب ”سائنسي ڄاڻ“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

ڪتاب: سائنسي ڄاڻ
ليکڪ: اجمل هدى ڀٽو
پهريون ڇاپو: جُون 2002ع
صفحا: 96
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

رياضت ٻرڙو
اجمل هدى ڀُٽي جي ڪتاب
”سائنسي ڄاڻ“ جو پيش لفظ


ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جو نئون ڪتاب ”سائنسي ڄاڻ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ سائنس جي مختلف شاخن بابت ۽ ٻي ڪجھ اهم ڄاڻ، ڪوشش ڪري اهڙي چونڊيل ڏني وئي آهي جيڪا تقريباً مستقل نوعيت جي آهي، ان ڪري ئي ڪتاب ڪيتري عرصي تائين پڙهندڙن کي لاڀ ڏيندو رهندو. اها ڄاڻ پڙهندڙن جي سهولت ڪارڻ سوالن ۽ جوابن جي صورت ۾ مرتب ڪيل آهي، ته جيئن سولائيءَ سان هڪ ٻئي کي ٻڌائي، ياد به ڪري سگهجي.
ممڪن آهي ته ڪي پڙهندڙ اهو سوچن ته مارڪيٽ ۾ سائنسي ڄاڻ جا انگريزي توڙي اردو ٻولين ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ڪجھ ڪتاب موجود آهن، ته پوءِ هن نئين سائنسي ڄاڻ جي ڪتاب جي ڪهڙي ضرورت آهي.

ڪتاب ”ٻوليءَ جو بڻ“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

ڪتاب: ٻوليءَ جو بڻ
ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
پيشڪش: رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 2002ع
صفحا: 191
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”ٻوليءَ جو بڻ“ جو پيش لفظ


روايت موجب، مٺڙي ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي به، سندس ڪتاب ڇپرائي، سنڌي علمي ۽ ادبي دنيا جي عالمن، محققن، اديبن ۽ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.
ادا محبت ٻرڙي جي وفات (9-اپريل 1997ع) کان پوءِ هر سال ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ پاران منعقد ٿيندڙ سندس ورسين تي، هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن:
(1) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (1998ع)، ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
(2) ماڻهو ۽ ماڻهپو (1999ع)، ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
(3) اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون (2000ع)، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
(4) يادُون ۽ سُڪون (2001ع)، ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
۽ هاڻ:
(5) ٻوليءَ جو بُڻ (2002ع)، ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
- انسائيڪلوپيڊيا سِنڌيڪا، جيئن عنوان مان پڌرو آهي، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا جوڙڻ جي طريقيڪار ۽ ان بابت مضمونن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ان ئي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاحسازيءَ جي اهميت ۽ واٽ تي بحث ڪري ٿو ۽ اصطلاحسازيءَ جو طريقيڪار ڏَسي ٿو.

ڪتاب ”يادون ۽ سُڪون“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

ڪتاب: يادون ۽ سُڪون
ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 2001ع
صفحا: 112
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر

رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”يادون ۽ سُڪون“ جو پيش لفظ


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا جيڪي به ڪتاب ڇپيا آهن، اهي سياسي-تنقيدي ادب، مضمون نويسيءَ ۽ تحقيق بابت آهن، جھڙوڪ: ’...جيڪو سچ چوي‘، ’سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي‘، ’سنڌي مار سورما‘، ’اٽڪ قلعي کان‘ (ترجمو)، ’انسائيلڪوپيڊيا سنڌيڪا‘، ’ماڻهو ۽ ماڻهپو‘، ۽ ’اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون‘. ان حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سياسي تنقيد نگار مضمون نويس ۽ محقق جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو، پر جڏهن سندس ڪهاڻين جو اڀياس ڪيون ٿا، ته پوءِ يقين سان چئي سگون ٿا ته جيڪڏهن هو سياست جي وهڪري ۾ پنهنجون لهرون پيدا نه ڪري ها ۽ بعد ۾ مضمون نويسيءَ توڙي مقالا نگاريءَ ۾ پنهنجي ذهني ولوڙ سڦل ٿيندي نه ڏيکاري ها، ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي جمال ابڙي ۽ امر جليل جي دورن کان پوءِ ”محبت جو دور“ ڏئي سگھي ها.

Sunday, 29 January 2017

ڪتاب ”آبشار“ جو مهاڳ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

ڪتاب: آبشار
ليکڪ: جبران خليل جبران
سنڌيڪار: شفقت حسين وڌو
پهريون ڇاپو: جنوري 2000ع
صفحا: 72
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر

رياضت ٻرڙو
شفقت حسين وڌي جي ترجمي ڪيل ڪتاب
”آبشار“ جو مهاڳ

ابناسي جبران ۽ ”آبشار“

جبران خليل جبران (ڄم: 6 جنوري 1883 ـــــ وفات: 10 اپريل 1931ع) جو نانءُ سنڌي پڙهندڙن لاءِ نئون نه آهي. هُو انهن ليکڪن مان آهي، جن جي لکڻين کي بي انتها پيار ۽ پنهنجائپ منجهان دنيا جي تمام گھڻن ماڻهن پڙهيو آهي ۽ سندس فڪر ۽ فن کي عزت جي نظرن سان ڏٺو آهي. ايتري قدر جو کيس لبنان جو ابناسي پيغامبر ۽ پنهنجي دور جو عالم (سَيوان، Savant) سمجهيو ويندو آهي.
هتي هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو، ته نيٺ اها ڪهڙي سگهه آهي جيڪا لکڻين ۾ اها سونهن ۽ سمجهه سمائي ٿي، جيڪا کين امر بڻائي ٿي؟
هي سوال تنقيدي علم جي حوالي سان نئون نه آهي. ان بابت گھڻي وقت کان پئي سوچيو ويو آهي ۽ نَون رُخن کان ان بابت ويچار ونڊيا ويا آهن. هت مٿئين سوال جي لحاظ کان بحث جي گنجائش نه آهي. هن هنڌ مان ان سوال ۾ ڪتب آندل لفظن کي خليل جبران جي لکيتن جي پس منظر ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. ٻيءَ طرح چئجي، ته خليل جبران جي لکيتن ۾ اها ڪهڙي سگهه آهي جنهن هن جي فڪر ۽ فن کي عمومي توڻي خصوصي قبوليت ۽ مڃتا ڏياري ڪلاسڪس ۾ شامل ڪيو آهي؟

ڪتاب ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

ڪتاب: ماڻهو ۽ ماڻهپو
ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 1999ع
صفحا: 112
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر

رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جو پيش لفظ


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، منهنجي ڀاءُ جو نانءُ سندس وفات کان پوءِ علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي خصوصي حيثيت، مانُ ۽ مرتبو، وقت وِٿين جي گذرڻ سان ماڻيندو پيو وڃي، اهو اسان لاءِ سرهائيءَ جو اهڃاڻ آهي، پر هُو پاڻَ، پنهنجي مڃتا کي پسڻ لاءِ موجود ناهي، پنهنجي سوچ کي اڃا وڌيڪ سنواري، سُڌاري، سلجھائي پيش ڪندي، اسان سان مرڪَ ونڊڻ لاءِ ساڻ ناهي، اها ڏکوئيندڙ ڪيفيت آهي:
هڪ گھڙي ڏک جي، ٻي خوشيءَ جي آ،
ڪيفيت منهنجي زندگيءَ جي آ.
بهرحال، ڪڏهن ڏک، ڪڏهن سُک زندگيءَ سان سلهاڙيل آهن، وقت ته انهن ڏکن ۽ سُکن کي ياد ڏياريندڙ وٿ آهي. پنهنجي زندگيءَ جي واقعن ۾ وقت جي هڪ وٿ ڊاڪٽر محبت جي ورسي به آهي: گذريل سال 12-اپريل 98ع تي پهرين ورسي منعقد ڪئي وئي ۽ هاڻ 11-اپريل 99ع تي ٻي ورسي ٿي رهي آهي. ورسيءَ جي حوالي سان پهرين ڀيري ڊاڪٽر محبت جي مقالن، مضمونن ۽ علمي خطن تي مشتمل ڪتاب انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايو ويو ۽ هن ٻئي ڀيري ”ماڻهو ۽ ماڻهپو جي نالي سان هيءُ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ ڪجھ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مضمون ۽ مقالا پيش ڪيا ويا آهن. اسين ڇپيل مضمونن لاءِ ماهوار ”ڪينجھر“ ۽ ”عبرت ميگزين“ جا ٿورائتا آهيون.
پنهنجي ڪوشش آهي ته ننڍي ڄمار ۾ ڀاءُ محبت عليءَ جيڪي گھڻ پاساوان علمي ۽ ادبي ڪم، جيتري قدر به پورا ڪيا، ڇپرايا وڃن ۽ گڏوگڏ انهن ڪمن جي آڌار تي، توڻي رِيس تي، وڌيڪ فڪري ڪاوشون به پيش ڪجن، پر انهن سڀني لاءِ وقت ۽ محنت جي گھرج آهي.
”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ جون وکون به انهيءَ راهه تي آهن، ۽ ان راهه تي وڌندڙ مڙني پانڌيئڙن کي ”اڪيڊمي“ پنهنجو ساٿاري سمجھي ٿي.

رياضت ٻرڙو
1999 ــــ 03 ــــ 20

قمبر

ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا
ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو
پهريون ڇاپو: اپريل 1998ع
صفحا: 112
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر

رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جو پيش لفظ



ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، منهنجي محبتي ڀاءُ، جي 9-اپريل 1997ع تي، اوچتي جوانيءَ ۾، وجود ڌوڏيندڙ وفات کان پوءِ، اسان، ڪجھ سنگتي ـــــ خاص ڪري ستار هڪڙو، ڀائو در محمد ٻرڙو، خادم رند ۽ مان ـــــ اهو ئي سوچي سگھياسون ته سڄاڻ جو پرچار ڪندڙ پنهنجي اداري ’کيرٿر سائنس اڪيڊمي‘، جنهن جو ٻالڪپڻو 1989ع ۾ ’موهن جو دڙو سائنس ڪلب‘ جي نانءُ سان شروع ٿيو، جو نالو ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ رکجي، ته جيئن پنهنجي ڏيهه لاءِ مڙني ممڪن پاسن کان ذميواريون نڀائيندڙ هڪ ڏاهي سپوت جي مڃتا ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي ڪم جاري رکي ۽ سندس ياد کي حال سان سلهاڙي سگھجي.